خواجه احمد عباس

خواجه احمد عباس

خواجه احمد عباس

خواجه احمد عباس: نامور افسانه نگار ۽ ناول نگار خواجه احمد عباس 1914ع ڌاري پاڻي پٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس گهراڻو سياست ۾ گهڻي دلچسپي رکندو هو. هن جي شروعاتي تربيت سندس ناني خواجه سجاد حسين ۽ چاچي غلام حسين ڪئي. خواجه احمد عباس ابتدائي تعليم مسلم هاءِ اسڪول پاڻي پٽ مان حاصل ڪئي. 1930ع ۾ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ مان بي اي ۽ ايل ايل بي ڪيائين. خواجه احمد عباس هڪ سٺو افسانه نگار، ناول نگار، ڊرامه نگار، ۽ اداڪار طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس مشهور ناولن ۾: ’انقلاب‘، ’دو بوند پاني‘، ’بمبئي رات ڪي بانهون ۾‘، ’فاصله‘، ’بوبي‘، ’ميرا نام جوڪر‘ شامل آهن، جيڪي تمام گهڻو مشهور ٿيا. خواجه احمد عباس افساني لکڻ ۾ به مهارت رکندو هو. سندس افسانن ۾ رومانيت ۽ جنسيت نظر اچي ٿي. خواجه احمد عباس ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا، هن گهڻا ڊراما ”انڊين پيپلز ٿيٽر“ لاءِ لکيا. سندس مشهور ڊرامن ۾ ”يه امرت هي“ گهڻو مشهور ٿيو، ڪتابي صورت ۾ به شايع ٿيو. خواجه عباس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون فلمن لاءِ به لکيون. ڪجهه فلمون پروڊيوسر جي حيثيت ۾ به ٺاهيون. سندس مشهور فلمن ۾ ڌرتي ڪي لال، همارا گهر، منا وغيره شامل آهن. خواجه احمد عباس گهڻي مصروف زندگي گذاري. زندگي جي آخري ٻن سالن ۾ فالج جي بيماري ۾ مبتلا رهيو ۽ سندس وفات پهرين جون 1987ع تي ٿي. خواجه احمد عباس پنهنجي زندگيءَ ۾ 72 ڪتاب لکيا. هن پنهنجي وفات کان اڳ پنهنجي فلمن جو معاوضو ”سنسار ٽرسٽ“ جي نالي ڪري ڇڏيو ته جيئن نوان فنڪار ۽ نوجوان جيڪي فلمون ٺاهن ٿا انهن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي. خواجه احمد عباس جا ڪيترا ناول سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿي ڇپيا آهن.


لفظ خواجه احمد عباسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو